ائيسولا ٻيٽ

ائيسولا ٻيٽ

ڪينجهر ڍنڍ

ڪينجهر ڍنڍ

ھاليجي ڍنڍ

ھاليجي ڍنڍ

ڊرگه ڍنڍ

ڊرگه ڍنڍ

انڊس ڊولفن رزرو

انڊس ڊولفن رزرو

جيو لگون

جيو لگون

ديھ اڪرو

ديھ اڪرو

انڊس ڊيلٽا

انڊس ڊيلٽا

حب ڊيم

حب ڊيم

رامسر ڪنوينشن ۽ سنڌ ۾ رامسر ماڳ

رامسر ڪنوينشن ۽ سنڌ ۾ رامسر ماڳ (Ramsar Convention and Ramsar Sites in Sindh): پاڻيءَ جي ذخيرن جي تحفظ ۽ بچاءَ لاءِ 1971ع ۾ اقوام متحده، ايران جي شهر رامسر ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن جي موضوع تي ’ڪنوينشن آف ويٽلينڊس‘ نالي سان هڪ عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي هئي. ان ڪنوينشن کي ايران جي شهر رامسر جي نسبت سان رامسر ڪنوينشن به ڪوٺجي ٿو. هن اداري جي مرڪزي آفيس گلون، سئٽزرلينڊ ۾ واقع آهي. هن ڪانفرنس ۾ ٿيل معاهدي تي صحيون ڪندڙ ملڪن جو تعداد 160 آهي. هن معاهدي تي صحيح ڪندڙ ملڪ ٽن شرطن جا پابند هوندا: (1) ملڪ اندر عالمي اهميت جي پاڻيءَ جي ذخيرن يا ڍنڍن کي رامسر سائيٽ قرار ڏيارڻ لاءِ ڪوششون وٺڻ، (2) ڍنڍن جي نظرداري، منصوبه بندي ۽ انهن ۾ موجود آبي جيوَت جو تحفظ، (3) پاڻيءَ جي گڏيل نظام لاءِ عالمي سطح تي تعاون ڪرڻ. هن عالمي ڪنوينشن ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن (Wetlands) جي اهميت ۽ نوعيت جي وضاحت ڪندي چيو ويو آهي ته پاڻيءَ جا اهڙا ذخيرا، جن ۾ ڍورا، ڍنڍون ۽ ڌُٻڻ وارا هنڌ ۽ پاڻيءَ وارا هيٺانهان علائقا شامل ڪبا آهن، جيڪي هٿرادو يا قدرتي طور، مستقل يا عارضي هجن ۽ انهن ۾ پاڻي وهندو هجي، پوءِ کڻي اهو پاڻي مٺو، کارو يا لوڻياٺو هجي، جنهن ۾ سمنڊ جو اهو پاڻي به شامل آهي، جيڪو وير چڙهڻ جي صورت ۾ ٻاهر اچي ۽ ڇهه فوٽ گهرائيءَ کان وڌيڪ نه چڙهي. رامسر ڪنوينشن ۾ ڍنڍ/ ڇر جي وصف هيئن ڪئي وئي آهي ته، ”اهو ڍورو، ڌٻڻ، پوسل يا سينور سان ڀريل زمين جو حصو يا پاڻيءَ جو هنڌ، جيڪو قدرتي هجي، مصنوعي هجي، عارضي هجي يا مستقل يا بيٺل پاڻي هجي يا وهندڙ، کارو هجي يا مٺو، ان کي ڍنڍ/ ڇر چئبو آهي. اهڙيءَ وصف ۾ اهي سامونڊي علائقا به اچي وڃن ٿا، جتي گهٽ وير چڙهڻ سبب پاڻي ڇهن فوٽن جي اوچائيءَ کان مٿي نٿو بيهي، تنهنڪري انهن ۾ سامونڊي ۽ خشڪيءَ وارا هنڌ اچي وڃن ٿا. ڍنڍن جي انهيءَ وصف مطابق ڍنڍن کي 39 قسمن ۾ ورهايو ويو آهي، جن ۾ 30 قدرتي ۽ 9 هٿرادو يا غير فطري ڍنڍون (Wet land) آهن. 1976ع ۾ رامسر معاهدي تي صحي ڪرڻ کان پوءِ هن وقت تائين پاڪستان جي 19 هنڌن کي رامسر سائيٽ جو درجو مليل آهي، اهي هنڌ هيٺيان آهن:
(1) آئيسٽولا ٻيٽ (بلوچستان)، (2) چشما بئراج (ميانوالي: پنجاب)، (3) ديـهه اڪـڙو (سـنڌ)، (4) ڊرگهه ڍنـڍ (سنڌ)، (5) هاليجي ڍنـڍ (سنڌ)، (6) حب ڊئم (سنڌ: بلوچستان)، (7) انڊس ڊولفن رزروِ (سنڌ)، (8) جيـوانـي ڪـوسـٽل ويٽ ليـنڊ (بلوچستان)، (9) جڀو لگون (بدين، سنڌ)، (10) ڪينجهر ڍنڍ (سنڌ)، (11) مياڻي هور (لسٻيلو: بلوچستان)، (12) نريڙي لگون (بدين، سنڌ)، (13) اورماڙ ٽروٽل بيچ (بلوچستان)، (14) رڻ ڪـڇ (سـنڌ)، (15) ٽـنڊا ڊيـم (ڪوهاٽ)، (16) تـونـسيه بئراج (پنجاب)، (17) ٿانيدار والا (بنون)، (18) اچيلي ڪامپليڪس (خوشاب: پنجاب)، (19) ايسـٽـولا ٻيٽ (بلوچستان) وغـيره. هي ڪل 19 ماڳ آهن، جن مان 9 ماڳ سنڌ ۾ تحفظ هيٺ آهن، جن جو مختصر هيٺ ڪجي ٿو:
(1) ڪينجهر ڍنڍ: هي ڍنڍ رامسر ڪنوينشن تحت 23 جولاءِ 1976ع تي بين الاقوامي اداري طرفان تحفظ هيٺ آندي وئي. هيءَ ڍنڍ 24° 56' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ 68° 03' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ٺٽي ضلعي ۾ موجود آهي. هيءَ ڍنڍ 13468 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي. هيءَ منڇر کان پوءِ تازي/ مٺي پاڻيءَ جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ ليکي وڃي ٿي. هن ڍنڍ ۾ 0.53 ملين ايڪڙ پاڻيءَ جي ذخيري جي گنجائش موجود آهي. هي رامسري ماڳ، ڪراچيءَ کان 122 ڪلوميٽر اوڀر ۾ ۽ ٺٽي کان 19 ڪلوميٽر اتر اوڀر ۾ آهي. 1930ع ۾ ڪلري ۽ ڪينجهر ڍنڍن کي چليا ڳوٺ وٽ 12 ڪلوميٽرن جو بند ڏئي هڪ ڪيو ويو هو. هن ڍنڍ جي سير تي ڪراچيءَ جا ماڻهو گهڻي تعداد ۾ اچن ٿا. هيءَ هڪ خوبصورت ڍنڍ آهي، جتي سياري جي مند ۾ پرڏيهي پکي پڻ جهجهي تعداد ۾ لهن ٿا.
(2) هاليجي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ڪراچيءَ کان اولهه طرف 75 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي ۽ ٺٽي کان 15 ڪلوميٽر اتر اولهه طرف 24° 47' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 46' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي واقع آهي. هي ڍنڍ 23 جولاءِ 1976ع تي تحفظ هيٺ آندي وئي هئي. هيءَ ڍنڍ 1.704 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي. هن خوبصورت ڍنڍ جو شمار ايشيا ۽ يورپ جي وڏين ۽ اهم جهنگلي جيوت جي پناهه گاهن ۾ ٿئي ٿو ۽ هن کي پکين جو مشاهدو ڪندڙن جي جنت به سڏيو وڃي ٿو. هتي سياري ۾ پکين جي 120 کان وڌيڪ مختلف قسمن جي وڏي تعداد ۾ هت اچڻ ڪري هن ڍنڍ کي خاص اهميت حاصل آهي. سنڌ وائيلڊ لائيف مئنيجمنيٽ بورڊ جي هڪ سروي موجب پاڪستان جي حدن ۾ انڊس فلاءِ وي ذريعي ايندڙ 860،000 پرڏيهي پکين مان 600،000 پکي سنڌ جي پاڻين(Wetlands) تي لهن ٿا، جن ۾ لڳ ڀڳ 125،000 پکي هاليجي ڍنڍ تي ديرو ڪن ٿا. هي ڍنڍ 12 ميلن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهي ۽ هن ۾ پاڻيءَ جي ذخيري جي گنجائش 6.58 ميلن جي فوٽن تي مشتمل آهي. ڍنڍ جي پاڻيءَ جي وڌ ۾ وڌ گهرائي 17 فوٽ آهي. سنڌ وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس: 1972ع ذريعي سنڌ ۾ پکين جي هن وڏي ۽ اهم پناهگاهه کي جهنگلي جيوَت جي تحفظ وارن هنڌن ۾ شامل ڪيو ويو ۽ کيس رامسر سائيٽ جو درجو پڻ حاصل آهي.
(3) ڊرگهه ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ لاڙڪاڻي شهر کان 30 ڪلوميٽر ۽ قمبر شهر کان 18 ڪلوميٽر اولهه ۾ 68° 06’ اوڀر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 23° 34’ اتر ويڪرائي ڦاڪ تي ڊرگهه ڳوٺ ڀرسان واقع آهي. هي ڍنڍ 23 جولاءِ 1976ع تي تحفظ هيٺ آندي وئي. ڍنڍ جي ڪل پکيڙ 164 هيڪٽر آهي. هيءَ ڍنڍ ڊيگهه ۾ 3 ڪلوميٽر، ويڪر 2 ڪلوميٽر ۽ اونهائيءَ ۾ 10 فوٽ گهري آهي. 1972ع ۾ ڍنڍ تي ايندڙ پرڏيهي پکين ۽ ٻي آبي جيوت ۽ پسگردائيءَ ۾ موجود جهنگلي جيوَت کي تحفظ ڏيڻ واسطي سنڌ سرڪار وائيلڊ لائيف پروٽيڪشن آرڊيننس تحتWild Life Sanctuary قرار ڏنو. ڍنڍ تي سراسري طور 5 کان 6 انچ سالياني برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي. هن ڍنڍ کي 1976ع ۾ رامسر سائيٽ قرار ڏنو ويو.
(4) انڊس ڊولفن رزروِ (Indus Dolphin Reserve): سکر بئراج جي اوڀارئين وهڪري کان گڊو بئراج ۽ ڪشمور تائين انڌي ٻلهڻ جي بچاءَ لاءِ، هي پاڻي 10 مئي 2001ع کان تحفظ هيٺ آيل آهي. هي ماڳ 28°01' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 69°15' اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي، سامونڊي سطح کان 80 ميٽر اوچو ۽ 125 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي ڦهليل آهي. انڌي ٻلهڻ جي بچاءَ لاءِ هي ايراضي 170 ڪلوميٽرن تائين پکيڙ رکي ٿي. هتي 500 کن انڌيون ٻلهڻيون 2001ع ۾ محفوظ ڪيون ويون هيون. هنن ٻلهڻن جي بچاءَ لاءِ هڪ ايڪٽ ’ڊولفن رزرو ايڪٽ- 1974ع‘ ۾ آندو ويو هو. هن ايراضيءَ ۾ ساڌٻيلو به اچي وڃي ٿو.
(5) جـڀـو لگـون (Jubho Lagoon): هي آبـي ذخـيـرو 24°20' ڊگـريـــون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 40' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي ضلعي بدين ۾ آهي. هن سان ٻيون ٽي ڍنڍون: پٽيجي، چولري ۽ نوڙي (Nurri) به لڳن ٿيون. اهي به تحفظ هيٺ آهن. هن ماڳ جي ڪل پکيڙ 2.540 هيڪٽر آهي، جڏهن ته سمنڊ جي سطح کان 50 ميٽر اوچو آهي. هتي مڇي ٿئي ٿي ۽ پرڏيهي پکين جو وڏو تعداد لهي ٿو. هي خوبصورت پاڻي 10 مئي 2001ع ۾ تحفظ هيٺ آندو ويو.
(6) ديهه اڪرو- II (Deh Akro-II): هي پاڻي ضلعي بينظيرآباد ۾ 26° 50' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 20' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي. پاڻيءَ جو هي ذخيرو 20500 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ ڦهليل آهي، جنهن ۾ 36 ڍنڍون ۽ ڪيترائي ڍورا شامل آهن. هي ايراضي وارياسي علائقي تي مشتمل آهي، جتي گهڻي ڀاڱي واري آهي ۽ برساتن سبب ننڍا ننڍا دٻا ۽ پراڻا ڍورا ڀربا آهن، جنهن تي آبادي به ٿئي ٿي ته ڪن پاڻين تي مڇي به مري ٿي ۽ پرڏيهي پکي به اچن ٿا.
(7) انڊس ڊيلٽا (Indus Delta): پاڻيءَ جا هي ذخيرا سامونڊي ڪناري سان ڪراچيءَ جي ڏکڻ اوڀر طرف ضلعي ٺٽي ۾ 24° 06' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 42' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهن. هي عربي سمنڊ جي اٿلي آيل پاڻيءَ جي ذخيرن جا ننڍا ننڍا ميڙ آهن، جيڪي دنيا ۾ پنجين نمبر تي وڏي ۾ وڏا ڳڻيا وڃن ٿا. هي ذخيرا ويرن جي چڙهن سبب ٺهن ٿا، هي ذخيرا 472.800 هيڪٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل آهن، جيڪي 5 نومبر 2002ع ۾ محفوظ ڪيا ويا هئا. ان کان سواءِ 1972ع کان ڪيٽي بندر، شاهه بندر، ڪن منارڪي ڇڇ جيڪي انڊس ڊيلٽا تي ڳوٺ آهن، انهن کي ’وائيلڊ لائيف سينچري‘ طور محفوظ ڪيو ويو آهي.
(8) نريڙي لگون (Nurri Lagoon): پاڻيءَ جو هي قدرتي ذخيرو، گولاڙچي سب ڊويزن، ضلعي بدين ۾ آهي، جيڪو ڪراچيءَ کان 190 ڪلوميٽر ڏکڻ اوڀر ۾ آهي. هي ذخيرو 24° 30' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 68° 47' ڊگريون اوڀر ڊگهائي ڦاڪ تي موجود آهي، جيڪو سامونڊي سطح کان 50 ميٽر اوچو آهي. پاڻيءَ جو هي قدرتي ذخيرو 2540 هيڪٽرن جي ايراضيءَ تي پکڙيل آهي. هي ذخيرو پٽيجي، چولري ۽ جڀو ڍنڍن سان ڳنڍيل آهي ۽ سامونڊي ويرون به هن ذخيري کي ڀرينديون آهن. هتان مڇي چڱي تعداد ۾ مري ٿي ۽ پرڏيهي پکين جا به ولر لهن ٿا. هن آبي ذخيري کي 10 مئي 2001ع ۾ محفوظ ڪيو ويو آهي.
(9) رڻ ڪڇ (Runn of Kutch): هي آبي ذخيرو، ضلعي ٿرپارڪر سان گڏ ڪڇ جي رڻ ۾ موجود آهي. هن جي پکيڙ 566375 هيڪٽر آهي ۽ سامونڊي سطح کان 10 ميٽر اوچو آهي. هي وارياسو علائقو آهي ۽ گهڻو ڪري برسات کان پوءِ هنن هنڌن تي پاڻي جمع ٿئي ٿو. هن ماڳ جي پکيڙ ٿر جون ڀٽون، ڪارونجهر جون ٽڪريون ۽ ساحلي علائقا آهن. هنن مختلف آبي ذخيرن کي 5 مئي 2002ع تي محفوظ ڪيو ويو هو. هنن ذخيرن تي ٿوري گهڻي پوک به ٿئي ٿي. سياري ۾ گهڻائي پرڏيهي پکي لهن ٿا.
(10) حب ڊئم (Hub Dam): حب ڊئم نالي آبي ذخيرو ڪراچيءَ ۽ لسٻيلي جي حدن اندر 25° 15' ڊگريون اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 07' ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي موجود آهن. هي ڊئم 1981ع ۾ حب نئن تي ٺاهيو ويو، جيڪو ڪراچيءَ جي حدن ۾ آهي. هي آبي ذخيرو لسٻيلي ضلعي جي پوکيءَ لاءِ پاڻي مهيا ڪري ٿو. هتي برسات 200 ملي ميٽر کان گهٽ پوي ٿي. ڊئم جي اونهائي 9.6 ميٽر آهي. هن ذخيري کي 10 مئي 2001ع تي محفوظ ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو